حڪيم ميان شفيع محمد چنا

حڪيم ميان شفيع محمد چنا: حڪيم ميان شفيع محمد ولد حڪيم محمد مراد چنا، 1905ع ڌاري ڳوٺ مراد آباد، گڏڻ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. هيءُ پنهنجي وقت جو مشهور حڪيم هو. حڪمت جي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين، جيڪو پڻ مشهور حڪيم هو. هيءُ حڪمت سان گڏ ڪاروبار ۽ زمينداري به ڪندو رهيو. ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد ۾ سندس مشهور هوٽلون يثرب ۽ زميندار هيون، جيڪي هالا جي سومرن کان ٺيڪي تي ورتل هيون. دادو جي آخوند غلام رسول ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ سيد شوڪت حسين شاهه جي تعاون سان اهي هوٽلون هلنديون هيون. ايوب خان جي زماني ۾ يونين ڪائونسل پپري ضلعي دادو جو 60-1959ع ۾ نوٽيفائيڊ ميمبر چونڊيو ويو. سندس طبيعت نهايت سادي هئي. ان سبب گهڻو ڪري سياست کان پري رهيو. هيءُ غريبن جو مفت علاج ڪندو هو. وفات کان ڪجهه وقت اڳ ۾ روزو کولڻ بعد پنهنجي گهر ۾ تراويحن پڙهڻ وقت پنهنجي وفات جو چيائين ۽ ايئن ئي تراويح پڙهندي ئي نومبر 1968ع 3 رمضان تي وفات ڪيائين. کيس 5 پٽ، 3 نياڻين جو اولاد هو. سندس پٽ منير احمد چنا 1977ع ۾ ايم. پي. اي چونڊيو، جيڪو هينئر زمينداري سان لاڳاپيل آهي. سندس ٻيو فرزند حڪيم حاجي بشير احمد دادو جو مشهور حڪيم ۽ بلديه جو چيئرمين به رهيو آهي، ٽيون پٽ حاجي نظير احمد پڻ يونين ڪائونسل مراد آباد دادو ضلعي جو ناظم رهيو آهي، سندس چوٿون پٽ مختيار احمد ڪسٽم آفيسر آهي، پنجون نمبر پٽ محمد مراد چنا پوليس آفيسر آهي. حڪيم صاحب جي خدمتن جي اعتراف طور دادوءَ شهر جي پرائمري مين اسڪول کان چنا هائوس تائين روڊ جو نالو بلديه دادو طرفان سندس نالي منسوب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس ئي نالي سان مراد آباد ڳوٺ ۽ دادو شهر ۾ ڪافي عرصي کان مدرسن ۾ ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. هي پنهنجي والد حڪيم مراد جي مزار سان لڳ دادوءَ شهر جي پير محمد مراد قبرستان ۾ دفن آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو